نور محمد جيسر

نور محمد جيسر

جيسر نور محمد

جيسر، نور محمد: نور محمد جيسر ولد دوست علي جيسر 1937ع ڌاري ڳوٺ لليا پتڻ، تعلقي موري، ضلعي نوشهروفيروز ۾ ڄائو. هن پرائمري تعليم دادو ضلعي ۾ سيالن جي ڳوٺ مان حاصل ڪئي ۽ مئٽرڪ هـاءِ اسڪول پرمانند آسارام مان 1961ع ۾ پاس ڪيائين. نور محـمد جيسر کي صحافت جي پيشي سان لڳاءُ هو، ان ڪري شاعر اظهر گيلاني جي سرپرستيءَ هيٺ گهوٽڪيءَ مان هـفـتيـوار اخـبـار ’ذوالـفـقــار‘ جــاري ڪيائين، جنهن جو پـاڻ ايـڊيـٽــر رهـيــو. اڳـتــي هـلــي هـن ’محافظِ سنڌ‘ دادو ۽ ”اظهار دادو‘ نالي هفتيوار جو ايڊيٽر رهيو. نور محمد جيسر لکڻ جي شروعات روزاني ’هلال پاڪستاناخبار ۾ سياسي ڪالمن سان ڪئي. 1970ع جي عوامي رابطا مهم توڙي اليڪشن مهم ۾ ان وقت جي پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمئن شهيد ذوالفقار علي ڀٽي صاحب سان، سنڌ توڙي سڄي ملڪ ۾ ’هلال پاڪستاناخبار جي اسپيشل رپورٽر جي حيثيت سان شامل رهيو.
نور محمد جيسر دادو پريس ڪلب جو باني ميمبر ۽ صدر پڻ رهيو. نور محمد جيسر 09 مارچ 1973ع تي ڪراچي اندر روڊ حادثي ۾ پنهنجا صحافتي فرض سرانجام ڏيندي، 36 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪئي. ڳوٺ لليا پتڻ ۾ سندس نالـي سـان، ’شهيد نور محمد جيسر لائبريري‘ قائم ڪئي وئي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو